SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Track Diplomacy

(click word to listen sound
  • 🔊
  • træk
  • reisiŋtræk
  • reilroudtrækəm
  • diplouməsiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Track Diplomacy

ٽرئڪ ڊپلوميسي

مرحليوار-تهه دار سفارتڪاري

سفارتڪاري هڪ مرحليوار مهارت ڀريو علم ۽ هنر آهي، جنهن ۾ ڪنهن به مقصد کي ماڻڻ لاءِ سماج جي مختلف محرڪن، شعبن، پرتن ۽ تهن تائين پهچ کي ممڪن بنائڻو پوي ٿو. ٻن رياستن ۾ لاڳاپن کي رواجي ۽ بهتر بنائڻ لاءِ جن مرحلن منجهان گذرڻو پوي ٿو، انهن کي ماهرن ۽ عالمن مختلف رُخن ، تَهَن يا سطحن (Tracks) ۾ ورهايو آهي. انهن منجهان اهم تهه هيٺ ڏجن ٿا:
Track, I Diplomacy: هن قسم جي سفارتڪاريءَ ۾ ٻه حڪومتون هڪٻئي سان سڌي سنئين واسطي داريءَ ۾ هونديون آهن ۽ پنهنجن نمائندن ذريعي هڪٻئي جي موقف کي سمجهندي، ڪنهن حل تائين پهچنديون آهن. هن طريقي ۾ سرڪاري سطح تي مذاڪرات ۾ روايتي سفارتڪاري ۽ بين الاقوامي ادارن ذريعي رابطا ڪاريءَ وارا عمل شامل آهن، جيڪي ٻن لاڳاپيل ڌرين تائين هڪٻئي جي معتبر ذريعي ان جي ڏنل معلومات کي پهچائيندا آهن.
Track1½ “One and Half” Diplomacy: هن طريقي هيٺ رياستي ادارن طرفان ڳالهين جا اختيار پنهنجن نمائندن معرفت”غير رياستي عنصرن“کي ڏنا ويندا آهن. اهي عنصر ڪن به مذاڪرات ۾ حڪومتي اختيارن هيٺ حصو وٺڻ ۽ سامهون واري ڌر کي سهولتون ڏيڻ جي سلسلي ۾ خودمختيار هوندا آهن. انتهائي تڪراري صورتحال ۾ هيءُ اختيار اهڙن غير رياستي فردن کي به ڏنو ويندو آهي، جيڪي مخالف ڌرين سان رابطي رکڻ جي صلاحيت رکندي منجهيل معاملن کي سلجهائي سگهندا آهن. ان کان علاوه سرڪاري سطح تي مذاڪرات ڪرائڻ لاءِ صورتحال سازگار بنائڻ جي سلسلي ۾ پڻ اهي فرد / ادارا ابتدائي ڳالهه ٻولهه ذريعي ايجنڊا طئه ڪرائڻ ۾ مدد ڪري سگهندا آهن ۽ آخرڪار ڪنهن اتفاق راءِ تي پهچڻ ۾ تڪراري ڌرين ۽ سندن حلقن کي سهولت فراهم ڪندا آهن.
TrackII Diplomacy: ڪنهن به علائقي يا معاملي ۾ مهارت رکندڙ، مهذب ۽ روشن خيال حلقي ( Civil Society) ۾ شامل اُهي اهم غير رياستي ڪردار (واپاري/مذهبي اڳواڻ ،تعليمي ماهر،فنڪار ، اديب ، دانش ور ۽ سماجي خدمتگار وغيره) جيڪي غير سرڪاري حيثيت ۾ ڪنهن به تڪرار تي اثر اندز ٿي سگهن ۽ معاملي کي حل ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪن. اهي حلقا غير روايتي طريقن (مثال طور، مذاڪرات لاءِ سهڪاري ماحول جي فراهمي ۽ گڏجاڻين لاءِ ماحول تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ رابطا رکڻ ) ذريعي ٻن ڌرين وچ ۾ سڌا سنوان رابطا پيدا ڪرڻ لاءِ مددگار حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ اهي حلقا ٻنهي ڌرين جي سماجن ۾ موجود هيٺاهين ۽ وچين سطح تي سرگرميون شروع ڪري اهڙو ماحول جوڙيندا آهن ته جيئن تڪرار جي حل ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي.
Track III Diplomacy: سماجي تبديليءَ لاءِ عالمي اصولن ۽ معيارن جي بحالي ۽ پرامن ماحول جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندڙ هي حلقا عوامي تنظيمن، فردن، خانگي ادارن ۽ پرامن گروهن تي ٻڌل هوندا آهن، جيڪي عوام سان ويجهو رابطو هئڻ ڪري عوامي سطح تي بهتر ماحول بنائڻ ۾ مدد ڪندا آهن. سفارتڪاريءَ جي هن قسم ۾ گڏجاڻيون، ڪانفرنسون، مذاڪرا، ميڊيائي مباحثا ۽ اقتداري اثر کان پري ٿيل حلقن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ڪرائي اهڙو ها ڪاري ماحول جوڙيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪن به مخالف ڌرين وچ ۾ غلط فهميون ختم ڪرائڻ جو موقعو ملي سگهندو آهي


Remember Me Also:

لڪ لنگهڻ

لَڪ لَنگهَڻُ

لنگههُ يا دڙو لنگهڻ، گهيڙ يا سِرنگهه اُڪرڻ. وڏي مشڪلات مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ، وڏي مرض مان بچي اُٿڻ، مشڪلاتن کان پار پوڻ، ڏکيو وقت گذاري وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal